رياض-27 مارچ (ا?? پي پي ) سعودي عرب جي وا??ار واري وزارت غير قانوني انعامي اسڪيمن کي هلائڻ ۽ انسداد وا??ار جعلسازي قانون جي خلاف ورزي تي 6 واپاري ادارن خلاف جاچ جي شروعات جاري آهي . اردو نيوز موجب وزارت پاران جاري بيان ۾ چيو و??و آهي ته خوشبو ۽ پرفيومز جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ 6 ڪاروباري مرڪزن انعامي اسڪيم جو اعلان ڪيو هو . ادارن پاران صارفين کي اسپيشل جيٽ، لگزري گاڏين ۽ بنگلا، سون جا سيٽ ، اٺ ۽ سمارٽ فون جي انعامن جي ترغيب ڏني وئي هئي. انعامي اسڪيم جو اعلان ڪاروباري مرڪز جي اليڪٽرونڪ شاپز ۽ سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي ڪيو و??و بيان ۾ وڌيڪ چيو و??و ته ڪاروباري مرڪز پاران انعامي اسڪيم جي ضابطن جي خلاف ورزي ڪندي انعامي اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ لاءِ خريداري جي شرط رکي هئي هڪ ڪاروباري مرڪز انعامي اسڪيم جي شروع ۽ ختم ٿيڻ جي تاريخ ??اض?? نه ڪئي هئي. وا??ار واري وزارت انهن خلاف ورزين تي ڪاروباري مرڪزن جي اڳواڻن کي گهرائي ورتو ۽ انهن خلاف جاچ جي شروعات ڪئي آهي .
سعودي عرب ۾ غير قانوني انعامي اسڪيمون هلائيندڙ اداري خلاف ڪاروائي جي شروعات
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم