تل ابيب-29 ڊسمبر (اي پي پي)اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چيو آهي ته اسرائ??لي حڪومت غزه ۾ يرغمال بڻايل اسرائ??لي شهرين جي آزادي لاءِ ڳالهيون ڪري ره??ا آهيون. اسرائ??لي اخبار دي يروشلم پوسٽ موجب يرغمالين جي پوئينرن سان ڳالهين ۾ اسرائ??لي وزيراعظم چيو ته اسرائيل سمورين مغوين جي واپسي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته قطر ۽ مصر معاملي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ٻه ڌار ڌار تجويزون پيش ڪيون آهن ۽ اسان هن وقت رابطو ڪري ره??ا آهيون. هن يرغمالين جي وارثن کي چيو ته آئون ڳالهين جي صورتحال جا تفصيل نٿو ٻڌائي سگهان. اسان انهن سڀني يرغمالين جي واپسي لاءِ ڪم ڪري ره??ا آهيون جيڪو اسان جو مقصد آهي. روس جي خابرو اداري تاس موجب اسرائ??لي وزيراعظم جي يرغمالين جي وارثن سان ڳالهين ک??نپ??ءِ اسرائ??لي جنگي ڪابينا جو اجلاس ٿ??و جنهن ۾ قطر ۽ مصر طرفان ڌرين ۾ ٽياڪڙي جي تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
يرغمال بڻايل اسرائيلي شهرين جي آزادي لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون: اسرائيلي وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II