اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته خاتم النبين حضرت محمدﷺ صرف مسلمانن لاءِ ئي نه پر پو??ي ان??انيت ۽ سموري ڪائنات لاءِ رحمة للعالمين بڻائي ڪري موڪليا ويا هئا، اخوت ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ڪرڻ لاءِ اسوة حسنه رسولﷺ جي پيروي اڻٽر آهي. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين عيد ميلادالنبيﷺ جي برڪتن ڀرئي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ سڄي عالم جي مسلمانن ۽ خاص طور تي سمورن پاڪستانين کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪندي الله تعاليٰ کان دُعا ڪئي ته ان بابرڪت ڏينهن جي فضيلت ۽ سعادت سان هر مسلمان جو دل نُور سان ڀري ڇڏي ۽ پياري وطن کي ان مقدس ڏينهن جي نسبت سان پنهنجي رحمتن ۽ برڪتن سان مالامال ڪري. ان لحاظ کان 12 ربيع الاول جو ڏهاڙو اس??ام?? تاريخ جو ئي نه پر پو??ي ڪائنات ۽ ان??انيت لاءِ رحمتن ۽ برڪتن وارو ڏينهن آهي. هي ڏينهن پو??ي ان??انيت کي نسلي، علائقائي، طبقاتي، لساني ۽ جاگرافيائي تعصبن جي ڌُٻڻ مان ڪڍي امن ۽ محبت ۽ وحدت ۽ توحيد جو درس ڏئي ٿو. اخوت ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ڪرڻ لاءِ اسوة حسنه رسولﷺ جي پيروي اڻٽر آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جي بقا ديني ۽ دنياوي جي ڪاميابيءَ جو دارومدار اسوة حسنه جي مڪمل پيروي تي آهي. اڄ برڪتن وارو ڏينهن ملهائڻ جو احسن طريقو اهو آهي ته اسان پنهنجي ڪردار، ڳالهه ٻولهه، اخلاق ۽ عمل سان اهو ثابت ڪريون ته اسان رحمة للعالمين جا اُمتي آهيون ۽ پياري پيغمبر حضرت محمدﷺ جي تعليمات تي عمل ڪندي پنهنجي ان??ر اتحاد ۽ اتفاق، گڏيل محبت ۽ رواداري ۽ احساس ۽ ذميداريءَ جهڙا ناياب گُڻ پيدا ڪريون جيڪي اسان جي ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي، بقا ۽ پو??ي دنيا ۾ ترقيءَ لاءِ راهون هموار ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن. مان ان مقدس ۽ برڪتن واري ڏهاڙي جي مناسبت سان سمورن شهيدن، غازين ۽ مجاهدن کي به خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ چاهيان ٿو جن وطن ??زيز جي حفاظت لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون. حضور اڪرمﷺ جي زندگي ان??انيت لاءِ مشعل راهه ۽ دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي جي ضمانت به. مان الله تعاليٰ در دُعاڳو آهيان ته اسان کي پنهنجي زندگي نبي اڪرمﷺ جي تعليمات جي روشنيءَ ۾ گذارڻ جي توفيق عطا فرماءِ. آمين
اخوت ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ڪرڻ لاءِ اسوة حسنه رسولﷺ جي پيروي اڻٽر آهي: سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا