اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافي جي لاءِ تيزي سان سڌارا جاري آهن، حڪومت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي راهه ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪر?? رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موج?? اهڙن خيالن ج?? اظهار هن پيٽروليم شعبي سان تعلق رکندڙ عالمي شهرت يافته ڪمپني گنور گروپ جي چيئرمين ت??رب??ون تورنقوسٽ ۽ ٽوٽل انرجيز جي ريجنل وائيس پريزيڊنٽ مهمت جيليپوعلو سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس م??اقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته الحمدالله پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي ترقي جي راهه تي گامزن آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافي جي لاءِ تيزي سان سڌارا جاري آهن، اسان جي معاوشي ۽ ڪاروباري پاليسين جي مثبت ثمرن جو سلسلو جاري آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي راهه ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪر?? رهي آهي. گنور گروپ جي چيئرمين ت??رب??ون تورنقوسٽ پاڪستان جي پيٽروليم سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي ج?? اظهار ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گنور گروپ پاڪستان ۾ ٽوٽل پارڪو جي 50 سيڪڙو شيئرز جو معاهدو ڪر?? چڪي آهي. گنور گروپ جي چيئرمين چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ مثبت قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گنور گروپ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ هر قسم جي سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافي جي لاءِ تيزي سان سڌارا جاري آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل