اسلام آباد – 11 سيٽمبر (اي پي پي )گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي قاعد اعظم محمد علي جناح جي سياسي بصيرت ۽ اعليٰ قيادت کي شاندار لفظن ??ان خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سندس سخت جدوجهد، بلند حوصلي ۽ ايمانداري قاعد اعظم جي شخصيت کي نمايا ڪري ٿي . قاعد اعظم محمد علي جناح جي 76 هين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته قاعد اعظم جي جرئتمنداڻي قيادت بنا آزاد ملڪ جو خواب ڪڏهن پورو ??ه ٿئي ها . قاعد اعظم جو اهو اح??ان قيامت تائين نٿو وساري سگهجي، اڄ ا??ان آزاد قوم جي حيثيت ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، اڄ قاعد اعظم جي اصولن تي عمل ڪرڻ جي جيتري ضرورت آهي، شايد پهريان ڪڏهن به نه هئي. هن چيو ته قاعد جي پاڪستان ۾ ڪنهن کي لساني، طبقاتي ۽ گروهي بنيادن تي فوقيت حاصل ناهي. قاعداعظم جي پاڪستان ۾ اقليتن سميت هر هڪ کي هڪجهڙا حق حاصل آهن. بدقسمتي ??ان قاعد اعظم جي سونهري اصولن تي عمل نه ڪري ا??ان عا??مي طور پوئتي رهجي ويا آهيون. محسن نقوي چيو ته قاعد اعظم محمد علي جناح جي اصولن تي هلڻ ۾ ئي پاڪستان جي ترقي جو راز ٻڌل آهي . هن چيو ته قاعد اعظم جي عظيم مسلسل جدوجهد کي پاڪستاني قوم ڪڏهن نٿي وساري سگهي . ا??ان کي اهو عزم ڪرڻ گهرجي ته قاعد اعظم جي اصولن مطابق ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون، اچو ته ان عزم جي تجديد ڪيون ته ا??ان اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم ??ان اڳتي وڌنداسين.
قاعد اعظم جا سونهري اصول ۽ اعلى فرمان اسان لاءِ مشعل راه آهن: وفاقي گهرو وزير
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو