اسلام آباد – 25 – جول??ئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سينيئر آفيسر، پرنسپل انفارميشن آفيسر/ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ??ي آءِ ڊي اسلام آباد مبشر حسن جي والد غلام صابر مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ ??ي آءِ ڊي ميڊيا سينٽر ۾ دعائيه تقريب منعقد ٿي. تقريب ۾ اطلاعات واري وزارت جي مختلف کاتن سان ??علق رکندڙ سينيئر آفيسرن، عملي جي ميمبرن، صحافين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن مرحوم جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. واضح رهي ته ??ي آءِ او مبشر حسن جو والد غلام صابر مرحوم ڇنڇر ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو هو.
مضمون کا ماخذ : کڑک