اسلام آباد – 24 – جون (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليو جي ??ات??ي جا ڦڙا پياريندڙ ٽيمن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۽ ان جي ??ات??ي جي لاءِ قومي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ ۽ هر ٻار کي پوليو کان محفوظ رکڻ جي لاءِ ويڪسين جون ڪيتريون ئي خوراڪون ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي، پوليو جي ??ات??ي لاءِ قومي ٽاسڪ فورس پاڪستان مان پوليو جي ??ات??ي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پوليو جي ??ات??ي بابت قومي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو. گيٽس فائونڊ??شن جي سربراهه بل گيٽس، گلوبل ڊيولپمينٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪرس الياس، صنفي برابري واري صدر ڊاڪٽر انيتا زيدي ۽ گيٽس فائونڊ??شن جي پوليو جي ??ات??ي واري ڊپٽي ڊائريڪٽر مائيڪل گالوي، روٽري، يونيسيف، ڊبليو ايڇ او جي حصيدار تنظيمن ۽ سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم پوليو جي ??ات??ي جي پروگرام ۾ پاڪستان سان اهم حصيداري ۽ ڊگهي وابستگي تي گيٽس فائونڊ??شن جا ٿورا مڃيا. هن پوليو جي خلاف اهم اڳڀرائي جي لاءِ فرنٽ لائين ورڪرز، حڪومتي قيادت ۽ حصيدارن جي تعاون کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم شهباز سريف ان عزم جو اظهار ڪيو ته جيستائين وائرس گردش ڪندو رهندو ۽ ٻارن کي مفلوج ڪندو رهندو ان جي ??ات??ي لاءِ اسان جون ڪوششون پوري قوت سان جاري رهنديون. 2024ع دوران پوليو جي 5 ڪيسز ۽ 185 ماحولياتي نمونن جي پوليو وائرس مثبت هجڻ جي رپو??ٽ کي ڳڻتي جو سبب قرار ڏيندي وزيراعظم پوليو جي ??ات??ي جا ڦڙا پياريندڙ ٽيمن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۽ ان جي ??ات??ي لاءِ قومي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اختيار ۾ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. هن سمورين ڌرين کي هدايت ڪئي ته اهي ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته پاڪستان ۾ هر ٻار کي ويڪسين جون ڪيتريون ئي خوراڪون ڏنيون وڃن ۽ اهي پوليو کان محفوظ رهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته صوبن کي پوليو جي ??ات??ي جي ڪوششن ۽ وائلڊ پوليو وائرس جي منتقلي کي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ گهرجن. بل گيٽس پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سندس فائونڊ??شن پوليو جي ??ات??ي لاءِ پاڪستان جي مدد جاري رکندي. هن پوليو جي ??ات??ي جي مهم دوران ٻارن کي وڌ کا?? وڌ ويڪسين??شن پيارڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. اجلاس کي ڪيترن ئي علائقن خاص طور تي امن امان جي خراب صورتحال ۾ ورتل علائقن ۽ بلوچستان جي ڪجهه حصن ۾ هڪ ٻئي پٺيان پوليو مهم جي لاڳو ڪرڻ ۾ درپيش چئلينجز بابت ٻڌايو ويو. اجلاس کي پوليو وائرس جي ??ات??ي جي لاءِ صوبائي حڪومتن جي مختلف قدمن ۽ ويڪسين??شن جي تازي رجحانن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب معمول جي ويڪسين??شن ۾ سڀ کان اڳتي آهي ۽ ان ۾ ويڪسين??شن جو تناسب صوبن ۾ سڀ کا?? وڌيڪ آهي. سڄي پاڪستان ۾ وائلڊ پوليو وائرس جي تشخيص ۾ تازي اضافي تي جاري قدمن تي پڻ شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني وئي. ٽاسڪ فورس قومي پوليو پروگرام ۾ هيلٿ ورڪرز، ڪميونٽي موبلائزرز ۽ وٽيرينز جي انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ثابت قدمي کي ساراهيو جيڪي خراب امن امان جي صورتحال، چرپر ۾ ايندڙ آبادين تائين غيرمتواتر پهچ ۽ ويڪسين کا انڪار جي چئلينجز جي باوجود وائرس جي ??ات??ي لاءِ پنهنجون ڀرپور ڪوششون جاري رکيون آهن. پوليو جي ??ات??ي جا ڦڙا پيارڻ جي مهم کانسواءِ، ٽاسڪ فورس صحت جي مرڪزن تي معمول جي ويڪسين??شن جي انتظامن کي مضبوط ڪرڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارم??شن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد، چئني صوبن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صحت جي صوبائي وزيرن، انجنيئر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل ڪاشف نذير، چئني صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگلت بلتستان جي چيف سيڪريٽريز ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پوليو جي خاتمي جا ڦڙا پياريندڙ ٽيمن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ