ملتان – 23 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ملتان ۾ واپارين ۽ صنعتڪارن جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سيد يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري ??دائين چين سميت دوست ملڪن کي راغب ڪيو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن چيو ته سي پيڪ جهڙن گيم چينجرز منصوبن جي شروع ٿيڻ ۾ صدر آصف علي زرداري ??ون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وقتي صدر ملڪي معيشت ۾ واپارين جي ڪردار کي ساراهيندي انهن کي يقين ڏياريو ته ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ واپارين جي مسئلن کي نظرانداز نه ڪيو ويندو. وقتي صدر سان ملاقات ڪندڙ واپارين ۾ صدر چيمبر آف ڪامرس ملتان راشد اقبال، رومانه تنوير شيخ، انڊسٽريل اسٽيٽ بورڊ آف مئنيجمينٽ جي صدر آصف مجيد، چوڌري وحيد ارشد، خواجه جلال الدين رومي، خواجه يونس ۽ ٻيا شامل هئا. واپاري ??رادري ??ينيٽ چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ 148 جي ضمني چونڊن ۾ علي قاسم گيلاني جي ڪاميابي تي يوسف رضا گيلاني کي مبارڪباد ??ني. ان موقعي تي ناليواري ??نعتڪار ميان تنوير شيخ جي رهائشگاهه تي وقتي صدر جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ??نو ويو. ان کان اڳ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڪمرشل فلائيٽ پي ڪي ذريعي ملتان ايئرپورٽ پهتو ته ملتان سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن عبدالقادر گيلاني، علي قاسم گيلاني، صوبائي اسيمبلي ميمبرن علي حيدر گيلاني، ڪامران مڙل ۽ راڻا اقبال سراج سميت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ڏکڻ پنجاب فواد هاشم رباني، ڪمشنر ملتان مريم خان، ڊپٽي ڪمشنر رض??ان قدير ۽ ٻي مقامي انتظاميا استقبال ڪيو.
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان واپارين ۽ صنعتڪارن جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ