تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي ??امنه اي سان ملاقات ڪري صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي افسوسناڪ شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان پاڪ ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي حوالي ??ان مرحوم ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي ويزن کي جاري رکنداسين. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي ??امنه اي سان ملاقات ڪئي. سپريم ليڊر سان ملاقات دوران وزي??اع??م صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي افسوسناڪ شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م چيو ته صدر رئيسي هڪ ويزنري اڳواڻ هو جنهن پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ماڻهن جي خدمت لاءِ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. مرحوم صدر رئيسي جي اپريل 2024ع ۾ پاڪستان جي دوري کي ياد ڪن??ي وزي??اع??م پاڪستان ايران ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ سندس ساراهه جوڳي ڪردار کي اجاگر ڪيو. وزي??اع??م چيو ته اسان پاڪ – ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي حوالي ??ان مرحوم ايراني صدر جي ويزن کي جاري رکنداسين. وزي??اع??م تاريخ جي هن نازڪ موڙ تي پنهنجي ايراني ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن ڀائر ملڪ ايران جي حڪومت ۽ عوام سان دوستي ۽ ڀائيچاري جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان امت جي اتحاد ۽ غزه جي محصور عوام جي لاءِ صدر رئيسي جون خدمتون تاريخ ۾ لکيون وينديون. ايراني سپريم ليڊر جو چوڻ هو ته اسان هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ڪيل جذبن جي اظهار کي محسوس ڪريون ٿا ۽ ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته اسان پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏيون ٿا ۽ اسان پاڪ – ايران لاڳاپن جي حوالي ??ان مرحوم ايراني صدر رئيسي جي ويزن کي اڳتي وڌائينداسين. وزي??اع??م ايراني سپريم ليڊر کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي پڻ دعوت ڏني. نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ ملاقات دوران وزي??اع??م سان گڏ هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي سان ملاقات، صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي افسوسناڪ شهادت تي تعزيت جو اظهار، پاڪ ايران لاڳاپن جي حوالي سان ابراهيم رئيسي جي ويزن کي جاري رکنداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش