اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ج?? سالياني 5 ارب ڊالر جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ، واپار، دفاع، رابطن ۽ ثقافت سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ تي زو?? ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پاچاجي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خيرسگالي ملاقات ڪئي. سفير وزيراعظم کي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ترڪيه جي قيادت پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀا??راڻن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زو?? ڏنو. وزيراعظم ٻيهر چونڊجڻ جي فوري پوءِ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پاران مبارڪباد واري ٽيليفون ڪال ۽ مبارڪباد جي پيغام ک?? ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زو?? ڏنو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مثالي ٻطرفا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل تاريخ، مذهب ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. وزيراعظم چيو ته ٻطرفي واپار ج?? سالياني 5 ارب ڊالر جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ٻنهي ڌرين کي واپار، دفاع، رابطن ۽ ثقافت سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو ??عاون وڌائڻ تي زو?? ڏنو. ان سلسلي ۾ هن ڪان ففٿ جنريشن جي ويڙهاڪ جهاز جي ڪامياب اڏام تي ترڪيه کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه بنيادي مسئلن تي هڪ ٻئي جي مسلسل حمايت ڪئي آهي ۽ مستقبل ۾ پڻ ڪندا رهندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر اردوان جي ٻيهر پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني عوام ان دوري جي منتظر آهي جيڪو ٻنهي ڌرين کي اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي ستين اجلاس دوران وسيع مشاورت ڪرڻ جو هڪ مفيد موقعو فراهم ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪيه جي سفير جي ملاقات، گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا