اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) پ??ڪس??ان ڀارتي پارليامينٽ پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل بابت قانونسازي جي فيصلي کي ڀارتي قبضي کي برقرار رکڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جي خودمخت??ار?? جي حق کان محروم ڪرڻ جو هڪ ٻيو فريب قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل ??ڪ تڪراري علائقو آهي جنهن جو حتمي فيصلو گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻو آهي. هن چيو ته ڪو ٻيو عمل ڪشميري عوام جي خودمخت??ار?? جي حق جو متبادل نٿو ٿي سگهي. ترجمان چيو ته پ??ڪس??ان ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي قبضي کي ڪڏهن تسليم نه ڪيو، اسان ڪنهن به اهڙي قدم کي واضح طور تي رد ڪريون ٿا جيڪو ??ارت جي قبضي کي برقرار رکندو هجي. ترجمان وڌيڪ چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدم ۽ ان کانپوءِ جي ڪيترن ئي قدمن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ آهي، پ??ڪس??ان انهن قدمن جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ ان کي رد ڪري ٿو ڇو ته اهي ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين تي هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا. ترجمان چيو ته اهي قدم عالمي انساني قانون ۽ گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳا??يل قراردادن جي پڻ واضح خلاف ورزي آهن، ڀارت کي انهن غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کي واپس وٺڻ گهرجي، والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي ريليف ڏيڻ گهرجي ۽ امن ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ مثبت ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته پ??ڪس??ان گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان پاران ڀارتي پارليامينٽ جو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل بابت قانونسازي جو فيصلو هڪ ٻيو فريب قرار
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت