اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي ڇاتيءَ جي ??ينسر، دماغي صحت ۽ تندرستي بابت شعور بيدار ڪرڻ سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن کي معاشري جو ڪارائتو حصو بڻائڻ جي لاءِ ان??ن جي حقن جي حمايت جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هو روٽري ڪلب جي اهتمام هيٺ بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي سيمينار کي خطاب ڪري رهي هُئي. هن چيو ته انهن موضوعن تي سڄو سال کلي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، ڀلي اهو ڇاتيءَ جو ڪينسر هجي، خصوصي ماڻ??ن جا حق هجن يا دماغي صحت جو معاملو هجي، ان سلسلي ۾ اسان کي نه رڳو حڪومت پر پوري معاشري جي حمايت جي ضرورت پوندي. خاتون اول چيو ته عورتن جو هر مهيني 5 منٽ جو پاڻ معائنو ڇاتيءَ جي ??ينسر جو شروعاتي مرحلي ۾ پتو ??ڳا??ڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو، اهڙي طرح ملڪ ۾ هزارين عورتن جون حياتيون بچائي سگهجن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ??ينسر جي ??ري 44000 موت هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي جن??ن جي لاءِ بيماري جي جلد تشخيص بابت مسلسل آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. بيگم ثمينه علوي ذڪر ڪيو ته دنيا ۾ مجموعي طور تي ڇاتيءَ جي ??ينسر مان صحتياب ٿيڻ جي شرح 98 سيڪڙو آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪينسر جو پتو ??ڳائڻ جي لاءِ ميموگرافڪ جي ناڪافي سهولتن جي ??ري موت جي شرح تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته هر عمر جون عورتون بشمول 14 – 12 سالن جي ننڍي عمر جي ??وڪرين ۾ پڻ ڇاتيءَ جي ??ينسر جي تشخيص ٿي رهي اهي. هن عورتن ۽ ڇوڪرين تي زور ڏنو ته اهي پاڻ جانچ جي 5 منٽ جي معمولي کي سکن ۽ پنهنجي علائقي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ٻين عورتن جي وچ ۾ ان ڳالهه کي ڦهلائين. هن سمورن شرڪت ڪندڙن کان ذهني صحت جي اهميت ۽ خصوصي ماڻ??ن جي حقن جي لاءِ پيغام ڦهلائڻ جو وچن پڻ ورتو. هن چيو ته دماغي صحت جي حوالي سان هڪ موبائيل ايپ ”همراز“ تيار ڪئي پئي وڃي جن??ن جي ذريعي ماڻهو پنهنجي ذهني صحت بابت رهنمائي حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ڪل آبادي جو 24 سيڪڙو دماغي صحت جي مسئلن جو شڪار آهي پر لاڳاپيل صحت جي ماهرن ۽ سائيڪاٽرسٽ جو انگ تمام گهٽ آهي جن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن خصوصي ماڻهن کي معاشري ۾ مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ تعليم ۽ روزگار جون سهولتون فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو.
ڇاتيءَ جو ڪينسر سميت صحت جي موضوعن تي کلي ڳالهه ڪرڻ گهرجي: خاتون اول بيگم ثمينه علوي
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania