اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيئر صحافي حنيف خالد جي صحافتي ??دمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته حنيف خالد صحافتي ??رادري جو روشن ستارو آهي، هو نه رڳو صحافين جو نمائندو آهي پر بزنس ايمبيسڊر پڻ آهي، حنيف خالد پنهنجو اهو ڪردار بهتر طريقي سان نڀايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پاران سينيئر صحافي حنيف خالد کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏيڻ واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ??نڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ موجود هو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته حنيف خالد صحافتي ??رادري جو روشن ستارو آهي، سندس صحافتي ??دمتن جو اعتراف ڪرڻ تي ??سلام آباد چيمبر جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته حنيف خالد ج?? اڌ صديءَ تي ٻڌل انتهائي شاندار صحافتي ??فر آهي. هو صحافين جو نمائندو هجڻ سان گڏوگڏ بزنس ايمبيسڊر پڻ آهي، هن اهو ڪردار بهتر طريقي سان نڀايو آهي. هن چيو ته ڪو ايوارڊ حنيف خالد جي خدمتن جي قيمت ادا نه ٿو ڪري سگهي. اسان جي ڪوشش هوندي ته کيس اڳئين اعليٰ ايوارڊ جي لاءِ نامزد ڪريون.
حنيف خالد صحافتي برادري جو روشن ستارو آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ