اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي ت??بي?? واري ن??را?? وفاقي وزير مدد علي سنڌي پاڪستان ۾ فن لينڊ جي سفير هنوريپاٽي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. وفاقي وزير وفد جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي ڏي وٺ پاڪستان ۾ موجوده ادارن کي اپ گريڊ ڪري سگهي ٿو. وفاقي وزير ۽ سفير نيشنل اسڪلز يونيورسٽي ۾ هڪ سينٽر آف ايڪسيلينس جي قيام تي اصولي طور تي اتفاق ڪيو جيڪو فن لينڊ جي ٽورڪو ميونسپلٽي جي مدد سان ڪنسٽرڪشن، آءِ ٽي، ٽيچرز ٽريننگ ۽ انجنيئرنگ اسٽڊيز کان علاوه هوٽل ۽ ريسٽورينٽ انڊسٽريءَ تي ڌيان ڏي??دو. اهڙيءَ طرح فن لينڊ جي ٽورڪو ميونسپلٽي جي سهڪار سان پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ٽوئر ارزم اينڊ هوٽل مئنجمينٽ ۾ هڪ سينٽر آف ايڪسيلينس قائم ڪيو وي??دو. وفاقي وزير چيو ته غير رسمي تعليم جي شعبي ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي، اسلام آباد پاڪستاني نوجوانن کي فني مهارتون فراهم ڪ??ي رهي آهي جنهن کي موجوده ۽ پرڏيهه ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ خواهشمند پاڪستاني نوجوانن لاءِ اسڪلر لرننگ سينٽر طور تي وڌائي سگهجي ٿو. سفير وفاقي وزير کي فن لينڊ ۽ پاڪستان حڪومت وچ ۾ جاري تعاون جي باري ۾ ٻُڌايو ته هو پهريان ئ?? نيوٽيڪ ۽ نسٽ ۾ پيشوراڻي ت??بي?? فراهم ڪ??ي رهيا آهن. سفير وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته فن لينڊ جون 2 يونيورسٽيون پهرين ئ?? انهن ادارن کي فني ۽ انساني مهارت فراهم ڪ??ي رهي آهي. هن وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته تقريبن 500 ماڻهو اڳ ئي ت??بي?? حاصل ڪري رهيا آهن. هن ٻُڌايو ته فن لينڊ جي حڪومت جي مدد سان نيو ٽيڪ اڳ ئي هوٽل ۽ ريسٽورينٽ مئنجمينٽ ن??را??يءَ هيٺ هڪ سال ڊپلوما ڪورس کي 3 ساله ڪورس تائين وڌائي ڇڏيو آهي.
فن لينڊ جي سهڪار سان نيشنل اسڪلز يونيورسٽي ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ٽوئر ارزم اينڊ هوٽل مئنجمينٽ ۾ سينٽرز آف ايڪسيلينس قائم ڪيا ويندا: نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔