اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي حج ۽ عمره و??ري وزير ڊاڪٽر توفيق بن فوزان الربيعه ملاقات ڪئي جنهن ۾ صدر سعودي عرب سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏ??و. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب ملاقات ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سعودي عرب سان معيشت، سيڙپڪ??ري ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي انتهائي قدر جي ??گاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان – سعودي عرب لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ عوامي لاڳاپن تي ٻڌل آهن. صدر موجوده اقتصادي حصيد??ري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??اءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر سعودي عرب سان ٻطرفي واپار کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏ??ندي چيو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي، قابل تجديد توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪ??ري جا وسيع موقعا موجود آهن. صدر هن سال حج جا بهترين انتظام ڪرڻ تي سعودي عرب جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن اميد ظاهر ڪئي ته سعودي حڪومت مديني ۾ منهدم ٿيندڙ ٻن پاڪستان هائوسز جي رقم سان مرڪزيه ۾ پاڪستان هائوس جي خريد??ري ۾ تيزي آڻيندي. صدر او آءِ سي جي ذريعي اهم مسلمان مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، فلسطين ۽ افغانستان تي مستقل حمايت تي سعودي عرب ۽ ان جي ??يادت کي ساراهيو. صدر ايران سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ??يادت کي ساراهيندي چيو ته مسلمان دنيا ۾ سعودي ولي عهد جي ??يادت ساراهه جوڳي آهي. سعودي حج ۽ عمره و??ري وزير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ??چ ۾ لاڳاپا تمام گهڻا مضبوط آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي ??اءِ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سعودي عرب حاجين کي حج ۽ عمري جي ??اءِ بهتر سهولتون فراهم ڪندو رهندو. صدر سعودي بادشاهه ۽ ولي عهد/ وزيراعظم جي ??اءِ نيڪ خوا??شن جو پيغام پهچائڻ جو پڻ چيو. صدر پاڪستان جي ??سلسل حمايت ۽ مالي امداد تي سعودي عرب جا ٿورا پڻ مڃيا.
صدر سان سعودي حج ۽ عمره واري وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک