اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال ۾ وز??راعظم يوٿ پروگرام تحت آسان شرطن تي قرضن جي فراهميءَ لاءِ 10 ارب رپيا، يوٿ اسڪلز پروگرام لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بجيٽ تقرير دوران ناڻي واري وز??ر اسحاق ڊآر چيو ته اسان جي ملڪ جا نوجوان حڪومت جي خاص توجهه جا گهرجائو آهن ڇاڪاڻ ته اڄ جا نوجوان ئي اسان ملڪ جي روشن مستقبل جا ضامن آهن. هو قومي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ان لاءِ تجويز آهي ته ايندڙ ٽن سالن تائين ڪنهن نوجوان يا نوجوانن تي ٻَڌل اي او پي طرفان شروع ڪيل ??ار??بار سان ٿيل آمدنيءَ تي ٽيڪس جي شرح ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي وڃي. هيءَ رعايت انفرادي يا اي او پي جي صورت ۾ 20 لک رپين تائين ۽ ڪمپنيءَ جي صورت ۾ 50 لک رپين تائين هوندي. ان سهولت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي ??ار??بار جي مالڪ جي عمر 30 سال هجي ۽ هو ??ار??بار پهرين جولاءِ 23ع يا ان کان پوءِ شروع ڪيو وڃي، ان سان ??ار??باري سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ نوجوانن جي همت افزائي ٿيندي ۽ نئين بزنس آئيڊيا رکندڙ بزنس ليڊرز سامهون اچي سگهندا. وز??راعظمي وٿ پروگرام ذريعي ننڍن قرضن جي حاصلات تحت پنهنجو ??ار??بار شروع ڪرڻ لاءِ رعايتي ريٽ تي قرض جي فراهمي لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وز??راعظم يوٿ اسڪلر پروگرام تحت نوجوانن جي خصوصي تربيت ڏيڻ لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
ايندڙ مالي سال ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت آسان شرطن تي قرضن جي فراهميءَ لاءِ 10 ارب رپيا، يوٿ اسڪلز پروگرام لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش