اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزارت پاڪستان ۾ گڏي?? قومن جي تعاون سان گڏي?? قومن جي امن مشن جا 75 س??ل مڪمل ٿيڻ تي شاندار تقريب منعقد ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب تقريب ۾ سفارتي ڪور ۽ پرڏيهي وزارت جي آ??يس??ن شرڪت ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر تقريب جي خاص مهمان هئي. ان موقعي تي ٻه بحث سيشن ٿيا جن ۾ گڏي?? قومن جي امن قائم ڪرڻ جي اثرن ۽ فوج ۾ سڀ کان وڌيڪ تعاون ڪندڙ ملڪ طور پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو. ان موقعي تي مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ سفارتي برادري پاڪستان جي 8 امن فوجين کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن ڊيوٽي دوران پنهنجي جانين جا نذرانا ڏنا ۽ انهن کي گڏي?? قومن جي امن فوج جي 75 س??ل مڪمل ٿيڻ تي شهيد ٿيڻ کانپوءِ اعزاز سان نوازيو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال