اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فوج ۽ ان جي سربراهه جي خلاف ٻاهرئين ملڪ غليظ مهم جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته آرمي چيف جي خلاف مهم ناقابل برداشت ۽ ادارن جي خلاف سازش جو تسلسل آهي، ٻاهرئين ملڪ محب وطن پاڪستاني فارن فنڊ مهم جي خلاف آواز اٿارين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ذريعي زهريلي سياست کي ڦهلايو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ان سازش جو حصو نه بڻجن، عمران خان ادارن ۽ ان جي سربراهن کي پ??هن??ي گندي سياست ۾ گهلي آئين شڪني ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته وفاقي گهرو وزير ملڪ جي اندر ادارن جي خلاف غليظ مهم هلائيندڙن کي سختي سان من??ن ڏي. پاڪستان ۾ افراتفري، فساد ۽ بغاوت کي هوا ڏيندڙن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ??ڃي، ميرٽ تي مقرر ٿيندڙ آرمي چيف جي خلاف مهم ملڪ دشمنن جي ايجنڊا ئي ??ي سگهي ٿي، قوم پ??هن??ي ادارن سان گڏ آهي، شرپسندن جي خلاف متحد آهي.
وزيراعظم پاران فوج ۽ ان جي سربراهه جي خلاف ٻاهرئين ملڪ غليظ مهم جي شديد مذمت، آرمي چيف جي خلاف مهم ناقابل برداشت ۽ ادارن جي خلاف سازش جو تسلسل آهي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل