انقره – 16 ?? فيبروري (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ زلزلي متاثرين سان يڪجهتي ج?? اظهار ۽ زلزلي سٽيل علائقن جي دوري جي لاءِ انقره پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب انقره هوائي اڏي تي اعليٰ ترڪ عملدارن ۽ ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد وزيراعظم جو استقبال ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری