انقره – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستاني عوام پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر زلزلي جي تباهين ۽ انساني جانين جي زيان جي درد ۽ ڏک کي محسوس ڪيو آهي، ترڪيه ۾ زلزلي متاثر آخري شخص جي مڪمل بحالي تائين پاڪستان جي عوام سک سان نه ويهندي جڏهن ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پاڪستان پاران زلزلي متاثرين جي مدد تي وزيرا??ظم جا ٿورا مڃيا. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي. انقره ۾ صدارتي ڪمپليڪس پهچڻ تي صدر رجب طيب اردوان وزيرا??ظم جو استقبال ڪيو. ترڪيه جي صدر سان ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ٿ??ندڙ ڳالهه ٻولهه دوران وزيرا??ظم ترڪيه ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ هزارين قيمتي جانين جي زيان ۽ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ وڏي نقصان تي ترڪيه جي صدر ۽ ترڪ قوم سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. 6 فيبروري تي ترڪيه جي مختلف علائقن کي ان تباهي آڻيندڙ زلزلي پنهنجي لپيٽ ۾ ورتو. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي ياد ڪندي وزيرا??ظم چيو ته پاڪستاني عوام پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر انهن جي درد ۽ ڏک کي محسوس ڪيو آهي. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان جي عوام ان وقت تائين آرام سان نه ويهندي جيستائين زلزلي کان متاثر علائقن ۾ آخري شخص جي مڪمل بحالي نٿي ٿ?? وڃي. صدر اردوان تباهي آڻيندڙ زلزلي جي ڏس ۾ ترڪيءَ جي لاءِ پاڪستان جي ٺوس حمايت تي وزيرا??ظم جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه کي ورجايو ت?? پرعزم ترڪ قوم هن قدرتي آفت مان اڳ کان وڌيڪ طاقت ۽ عزم سان نڪرندي. وزيرا??ظم ترڪيه ۾ ايندڙ شديد زلزلي جي ڏس ۾ ترڪيه سان پاڪستان جي يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار لاءِ خصوصي طور تي ترڪيه جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيرا??ظم زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ اتي موجود پاڪستاني ريسڪيو ۽ ريڪوري ٽيمن سان ملاقات ??ڻ ڪندو. وزيرا??ظم سان گڏ اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيرا??ظم جو خاص معاون طارق فاط??ي ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ پڻ آهن.
پاڪستان جي عوام ترڪيه ۾ زلزلي متاثر آخري شخص جي مڪمل بحالي تائين سک سان نه ويهندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر