اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته صحتمند طرز زندگي، باقاعدگي سان ورزش، مشاهدي جي ذريعي متعدي ۽ غيرمتعدي بيمارين جي خلاف صحت لاءِ محفوظ ۽ سارسنڀال جي نظام کي اخت??ار ڪري اسان جي صحت جي ڪمزور نظام تي بيمارين جي بار کي نمايان طور تي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، صفائي سٿرائي ۽ پنهنجي خوراڪ ۾ بهتري سان علاج جي نظام سان گڏوگڏ مريضن تي به بار گهٽ ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن فائونڊيشن يونيورسٽي ڪاليج آف ڊينٽسٽري جي ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ فيڪلٽي ميمبرن، فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ انهن جي والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر بيمارين جي جلد سُڃاڻپ بابت آگاهي پيدا ڪرڻ، صحتمند طرز زندگي اخت??ار ڪرڻ ۽ مريضن سان انتهائي احتياط، مهرباني ۽ شفقت سان علاج ڪندي بيماري کان بچڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چي?? ته ان سان مريضن کي يقين ڏيارڻ ۽ انهن جي صحت جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ تمام وڏو فرق پيو. هن چي?? ته رڳو عوام کي وات جي صفائي ۽ وات جي صحت جي سارسنڀال جي اهميت ببات آگاهه ڪري وات جي بيمارين ۾ نمايان گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. هن چي?? ته سڄي زندگي صحتمند ڏندن جي سارسنڀال ٻين بيمارين کان به بچائيندي ۽ ماڻهن کي خوش ۽ صحتمند زندگي گذارڻ جي قابل بڻائيندي. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪي?? ته اٽڪل 50 سيڪڙو عورتون شادي کانپوءِ يا ان کان اڳ ئي ميڊيڪل جو پيشو ڇڏي ڏين ٿيون جيڪو ملڪ ۽ معاشري جي لاءِ تمام وڏو نقصان آهي. هن ان رجحان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ ي زور ڏنو ۽ والدين تي زور ڏن?? ته اهي پنهنجي ڌيئرن کي پنهنجي پيشي کي جاري رکڻ جي لاءِ مدد ڪن. هن ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته حڪومت کي هڪ محفوظ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ۽ ان جي لاءِ پنهنجا سرڪاري فرض آن لائين يا مناسب وقت ۽ نظام الاوقات تي انجام ڏيڻ جا موقعا پيدا ڪرڻ گهرجن ته جيئن اهي ڪم ڪري سگهن ۽ پنهنجي خاندانن جي آرام سان پر??رش ڪري سگهن. هن چي?? ته عوام کي جعلي خبرن کان بچڻ، ماڻهن جي پرائيويسي جو احترام ڪرڻ ۽ پيغامن ۽ بيانن کي انهنجي حقيقي ڏس ۾ پيش ڪرڻ بابت آگاهي ڏئي معاشري ۾ ڇڪتاڻ جي سطح کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته حوالي ۽ حقيقتن کان هٽي ڪري بيان ڪيل جملا معاشري ۾ انتشار ۽ ڇڪتاڻ کي وڌائين ٿا ان لاءِ انهن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ گهرجي. صدر نوجوان گريجوئيٽس کي انهن جي پيشيواراڻي زندگي شروع ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ انهن کي مشورو ڏن?? ته اهي علم حاصل کي جاري رکن ۽ پنهنجي ذاتي ۽ پيشيواراڻي زندگي ۾ عاجزي جو مظاهرو ڪن. هن سمورن طبي پيشيور ماڻهن تي به زور ڏن?? ته اهي پنهنجي مريضن سان همدردي سان پيش اچن ڇ?? ته اهي هڪ عظيم پيشي جو حصو آهن جنهن جو بنيادي فرض ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن جي ڏکن کي گهٽ ڪرڻ آهي. ان کان اڳ صدر ناليواري گريجوئيٽس ۾ ميڊلز ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا. فائونڊيشن يونيورسٽي اسڪول آف هيلٿ سائنسز جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) ڊاڪٽر عمران فضل يونيورسٽي جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي.
صحتمند طرز زندگي سان صحت جي ڪمزور نظام تي بيمارين جي بار کي نمايان طور تي گهٽ ڪري سگهجي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب