اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قائم پارلياماني ٽاسڪ فورس جي چيئرپرسن رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته ايشيا پيسفڪ ملڪ مسئلن جي حل لاءِ گڏجي حڪمت عم??ي جوڙين ڇو ??ه هي سفر هڪ ٻن ڏينهن جو نه آهي پر هڪ مسلسل جدوجهد آهي، اڄ پاڪستان متاثر ٿيو آهي سڀاڻي ڪو به ملڪ متاثر ٿي سگهي ٿو. آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن جي ٽئين سيمينار جي پڄاڻي سيشن ۾ مختلف ميمبر ملڪن پاران سيمينار کي ڪارائتو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. ان موقعي تي ايران پاران ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ا??ان کي سيمينار کي نتيجا خيز بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو نه ته سموريون ڪوششون ضايع ثابت ٿينديون. ويتنام جي نمائندي جو چوڻ هو ته پاڪستان کي ٻوڏ جون تباهيون درپيش آهن ا??ان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي عالمي سطح تي مدد ڪرڻ گهرجي. نيپال تجويز ڏني ته سمورن ايشيائي ملڪن کي هڪ جهڙا مسئلا درپيش آهن ان لاءِ ا??ان سڀني کي هڪ گڏيل پارلياماني مڪينزم جوڙي انهن مسئلن مان نڪرڻ جي لاءِ حڪمت عم??ي جوڙڻ گهرجي. سيمينار جو پڄاڻي سيشن اڄ اربع ڏينهن پارليامينٽ ??ائوس ۾ ٿيندو.
ايشيا پيسفڪ ملڪ مسئلن جي حل لاءِ گڏجي حڪمت عملي جوڙين: رومينه خورشيد عالم
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے