حيدرآباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ا??نڊ ٽيڪنالاجي پاران ڀارت پاران مظلوم ڪشميرين تي جاري استحصال ۽ گهيراءُ جي خلاف س??مي??ار منعقد ڪيو ويو. س??مي??ار کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي رجسٽرار لڇمڻ داس سوٽهڙ چيو ته ڪشمير جي اصل رهواسين جي حقن جي خلاف ڪيل قانونسازي انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي، ڀارت مظلوم ڪشميرين جو استحصال ۽ گهيراءُ ختم ڪري. شاگردن جي معاملن واري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر تنوير حسين ڦلپوٽو چيو ته ڪشميري ويجهي ماضي جي تاريخ جا سڀ کان وڏا مظلوم آهن، ڀارت ڪشميرين جي حقيقي آزادي کسي انهن جي بنيادي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، ڪاري قانون تحت ڪشمير جي اصل رهواسين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي ج??ڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿي ٿي سگهي، ڀارت جي ان عمل کي رد ڪريون ٿا. ان موقعي تي س??مي??ار کي اسٽوڊنٽس افيئرز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شعيب شيخ، اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جي شاگرد وقاص ماڪا، بي ايس انگلش جي شاگردياڻي پرهه ۽ م??ڪا ٽرانڪس انجنيئرنگ جي حم??د راجپوت ڪشمير جي موضوع تي تقريرون ڪندي چيو ته پاڪستان جو هر ٻار ڪشمير جي آزادي لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي?? ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي جلد ان تان ڀارت جو باضابطا قبضو ختم ڪرايو ويندو.
مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران ڀارت پاران مظلوم ڪشميرين تي جاري استحصال ۽ گهيراءُ جي خلاف سيمينار منعقد
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ