اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) تي زور ڏنو آهي ته مارڪيٽ ۾ وڌيڪ تعليم يافته ۽ هنرمند پيشيور ماڻهن جي ضرورت کي ??ظر ۾ رکندي ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام متعارف ڪرائڻ ۽ ان جو تعداد وڌائڻ لاءِ يونيورسٽين جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، فيصله ساز تيزي سان بدلجندڙ عالمي مارڪيٽ جي ضرورتن کي ??وري طرح سمجهڻ ۾ سستي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، ايڇ اي سي کي اهڙي اهم معاملي تي تيزي سان فيصله سازي کي ??قيني بڻائڻ گهرجي. هو ايوان صدر ۾ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (جي آءِ ڪي آءِ) ٽو پي بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر فضل اي خالد، سوسائيٽي ف??ر پروموشن آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر شڪيل دراني، غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي سينئر مينيجمينٽ جي ميمبرن، هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ تعليم واري وفاقي وزارت جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر اعليٰ تعليم تائين پهچ کي ??ڌائڻ ۽ اعليٰ تعليم يافته ۽ پيشيور گريجوئيٽ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن مارڪيٽ جي ضرورتن کي ??ورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين ۽ صنعتي شعبي جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته يونيورسٽين کي ??نهنجي گريجوئيٽس کي ??هارت فراهم ڪرڻ لاءِ سکڻ جي آن لائن ۽ هائبرڊ طريقن کي ??تعارف ڪرائڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، ريڪٽر غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ تيڪنالاجي اجلاس کي ??ونيورسٽي پارا?? تعليم جي ف??وغ لاءِ کنيل مختلف نون قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن ٻڌايو ته غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ هڪ جامع آن لائ?? تعليمي نظام متعارف ڪرائي رهيو آهي، وڌيڪ اهو ادارو تعليمي سال 23 -2022ع ڪمپيوٽر سائنس ۽ سائبر سيڪيورٽي ۾ نوان پروگرام پيش ڪندو، ان کانسواءِ مصنوعي ڏاهپ، ڊيٽا سائنس ۽ سول انجنيئرنگ ۾ ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرام متعارف ڪرايا ويندا. اجلاس کي ??ڌايو ويو ته غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي تعليم جي معيار کي ??ڌائڻ کانسواءِ ملڪ ۾ تحقيق ۽ ترقي کي ف??وغ ڏيڻ لاءِ مقامي ۽ عالمي ادارن سان گڏ تحقيقي تعاون ۽ عالمي رابطن کي ف??وغ ڏئي رهيو آهي، اجلاس کي ??ستقبل جي پروگرامن سان گڏوگڏ يونيورسٽي جي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ اپ گريڊيشن جي منصوبن جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي.
ايڇ اي سي ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام متعارف ڪرائي: صدر
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس