اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي چيئرمين شپ سنڀالي ورتي. پارليامينٽ هائوس ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ 47 هين اجلاس جي چيئر نائجيريا جي پرڏيهي وزير حسومي مسعودو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي 48 هين اجلاس جي چيئرمين شپ حوالي ڪئي. وزيراعظم عمرا?? خان، اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه، سعودي عرب جو پرڏيهي وزير شهزاده ف??صل بن سعود السعود ۽ چين جو اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي پڻ ان موقعي تي موجود هئا. نائجير جي پرڏيهي وزير هاسومي مسعودي پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ مسلمان امت جي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ ڪوششن، ڪاميابين ۽ قدمن تي روشني وڌي.
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ