ملتان – 07 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چي?? آهي ته حڪومت لاءِ هن وقت سڀ کان وڏو چئلينج مهانگائي آهي جنهن جي تدارڪ لاءِ وزيراعظم عمران خان احس??س ڪفالت پروگرام جو آغاز ڪي?? آهي ان پروگرام تحت احساس راشن رعايت منصوبي جو به بنياد رکيو وي?? آهي، حڪومت ڏکڻ پنجاب ۾ احساس محرومي جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻندي ميگا پراجيڪٽس جو بنياد رکي?? آهي جنهن ۾ نشتر ٽو ۽ سب سيڪريٽريٽ پراجيڪٽ به شامل آهن.
اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان گڏ ڪمشنر آفيس ۾ اسيمبلي ميمبرن ۽ ضلعي کاتن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪمشنر ڊاڪٽر ارشاد احمد، ڊپٽي ڪمشنر عامر ڪريم خان، اسيمبلي ميمبرن م??ڪ عامر ڊوگر، ابراهيم خان، جاويد اختر انصاري، انفارميشن بابت خاص مددگار نديم قريشي، سليم لابر، سبين گل، ايم اين اي احمد حسن ڊيهڙ، واصف مظهر را??، وسيم خان بادوئي، ميان طارق عبدالله، ظهير الدين عليزئي به شريڪ هئا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت جي ساک جي بهتري لاءِ کاتا وڌيڪ منفرد قدم متعارف ڪرائين ته جيئن عوام کي رليف فراهم ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير چيو ته ڏکڻ پنجاب جي ترقي تي حڪومت جو خصوصي فوڪس آهي ۽ ان سلسلي ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ اربين روپين جي منصوبن جو بنياد رکيو وي?? آهي. حڪومت نشتر ٽو ۽ سب سيڪريٽريٽ جا ميگا پراجيڪٽس ڏنا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج مهانگائي آهي جنهن جي اثرن کان عوام کي بچائڻ لاءِ احساس راشن ۽ احساس سبسڊي پروگرام جو به آغاز ڪيو وي?? آهي.
پرڏيهي وزير چيو ته عوام کي سڌو سنئون رليف ڏيڻ لاءِ بنا فرق جي صحت ڪارڊ متعارف ڪرايو وي?? آهي، صحت ڪارڊ جي ذريعي 10 لک روپين تائين جو علاج بنا معاوضي فراهم ڪيو ويندو. اجلاس کي خطاب ڪندي سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته 3 ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ خاندان احس??س ڪفالت پروگرام ۾ رجسٽرڊ ڪري چڪا آهيون جڏهن ته 80 لک خاندانن کي 12 هزار روپيا ماهوار امداد ڏني پئي وڃي. ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته احس??س ڪفالت پروگرام عوام کي رليف ڏيڻ جو انقلابي منصوب?? آهي احساس پروگرام تحت تعليمي وظيفا، راشن رعايت منصوبو به جاري آهي. احساس راشن پروگرام تحت خصوصي سبسڊي به ملندي جڏهن ته 2 ڪروڙ خاندانن کي رليف فراهم ڪرڻ مقصد آهي. ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته دڪاندارن کي سمورين ضروري کاڌي پيتي جي شين جي وڪري تي 8 سيڪڙو ڪميشن م??ندي.