اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) گهرو ??زا??ت افغانستان ۾ جاري عالمي غير سرڪاري تنظيمن جي ا??دادي سرگرمين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ وسيع طريقيڪار متعارف ڪرايو آهي. اها ڳالهه افغان بين ال??زا??تي ڪوآرڊينيشن سيل جي اجلاس دوران شرڪت ڪندڙن کي ٻُڌائي وئي. پي آءِ ڊي طرفان جاري بيان مطابق اجلاس ??وم?? سلامتي جي مشير ڊاڪٽر معيد يوسف جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. ??زا??ت ج?? عهديدارن اجلاس کي آگاهه ڪيو ته نَون قدمن جو بنيادي مقصد مصيبت سٽيل افغانستان ۾ انساني ا??داد جي ڪوششن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ آهي ۽ ان سان نه صرف نين عالمي غير سرڪاري تنظيمن پر اهي جيڪي پهريان کان رجسٽرڊ آهن اهي فائدو کڻي سگهنديون. رجسٽريشن لاءِ درخواست ڏيندڙ تنظيم کي لاڳاپيل سفارتخاني مان تصديقي خط، پنهنجي ملڪ ۾ رجسٽريشن جو ثبوت ۽ فنڊنگ جي ذريعن سان گڏوگڏ مقامي رهائشي ا??ڊريس ۽ ان جي نامزد عملي جي تفصيلن بابت آگاهه ڪرڻو پوندو. ڇنڊڇاڻ ڪميٽي ٽن هفتن ۾ ڪاررواين مڪمل ڪندي، اهڙيءَ طرح ويزا جاري ڪرڻ جي عمل کي به آسان ۽ گهٽ وقت ۾ ممڪن بنايو ويو آهي. ويزا جي درخواست تي ڪارروائيءَ لاءِ وقت ج?? مدو گهٽ ڪري 10 ڏينهن ڪيو ويو آهي. ??وم?? سلامتي جي مشير نَون قدمن کي ساراهيندي چيو ته ان سان افغانستان ۾ جاري فلاحي ڪمن ۾ مدد ملندي. اجلاس ۾ پرڏيهي ??زا??ت، واپار واري ??زا??ت، منصوبا بندي، ناڻو، ايف بي آر ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم جي قومي سلامتيءَ بابت صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف جي صدارت ۾ افغان بين الوزارتي ڪوآرڊينيشن سيل جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون