اسلام آباد / پشاور – 05 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڊاڪٽر انساني همدردي جي جذبي تحت ماڻهن جي خدمت ڪن، بيمارين کان وقت سر بچاءُ سان صحت جي شعبي تي بار گهٽ ڪري سگهجي ٿو، خيبرپختونخواهه جي ميڊيڪل شاگردن سڄي ملڪ ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي، ??ديد ٽولز ۽ ٽيڪنالاجي اختيار ڪري بيمارين سان موت جي شرح گهٽ ڪري سگهجي ٿي، ??حت انصاف ڪارڊ جي بهتر قدم سان خيبرپختونخواهه جي عوام کي مفت علاج جي سهولت ملي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان ۽ خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ضياءَ الحق شرڪت ڪئي. هن چيو ته 70ع ۽ 80ع جي ڏهاڪي ۾ انساني سرمايو ۽ وسيلا پاڪستان کان ٻاهر ويا، پاڪستان کي تعليم يافته ماڻهن جي ??رو??ت آهي، هنرمند ۽ تعليم يافته انساني وسيلا ملڪ جي اندر ئي استعمال ٿيڻ گهرجن، پاڪستان کي ٽيلي ايجوڪيشن جي سخت ??رو??ت آهي. صدر چيو ته ٽيلي ايجوڪيشن کي ماضي ۾ نظرانداز ڪيو ويو، ڪورونا وائرس جي وبا دوران ٽيلي ايجوڪيشن جي اهميت وڌيڪ اڀري سامهون آئي، ??عليم ۽ علم جو وسيع ذخيرو آن لائين پليٽ فارمز تي موجود آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بيمارين کان وقت سر بچاءُ سان صحت جي شعبي تي بار گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ملڪي صحت جون ??رو??تون وڌي رهيون آهن، اينٽي بائيوٽڪس جو غير??رو??ي استعمال وڌي رهيو آهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ميڊيڪل شعبي سان واڳيل ماڻهو اخلاقيات ۽ انساني قدرن کي سدائين نظر ۾ رکن، غذائيت جي کوٽ ۽ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدمن جي ??رو??ت آهي، مصنوعي ذهانت سان ميڊيڪل سائنس ۾ تمام گهڻيون تبديليون اچي رهيون آهن. صدر چيو ته پاڪستان کي نرسز ۽ پيراميڊيڪس جي سخت ??رو??ت آهي، ٽيلي ميڊيسن سان مشوري ۽ علاج جي سهولت وڌيڪ آبادي تائين پهچائي سگهجي ٿو، جديد ٽولز ۽ ٽيڪنالاجي اختيار ڪري بيمارين سان موت جي شرح گهٽ ڪري سگهجي ٿي، ??ريب ماڻهو ٽيلي ميڊيسن سان علاج ۽ ڊاڪٽر کان مشورو حاصل ڪري سگهي ٿو، حاصل ڪيل علم ک?? پاڪستاني معاشري جي ??رو??تن موجب ڪرڻ جي ??رو??ت آهي، ??ديد دور ۾ ترقي جي لاءِ هر شعبي ۾ روين ۾ تبديلي آڻڻ جي ??رو??ت آهي. صدر چيو ته علاج مهانگو ٿيڻ سان ماڻهو اسپتال وڃڻ کان پاسو ڪن ٿا، صحت انصاف ڪارڊ جي بهتر قدم سان خيبرپختونخواهه جي عوام کي مفت علاج جي سهولت ملي آهي. ان کان اڳ صدر خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ نئين اڪيڊمڪ بلاڪ جو افتتاح پڻ ڪيو.
ڊاڪٽر انساني همدردي جي جذبي تحت ماڻهن جي خدمت ڪن: صدر
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی