اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم جي ناڻي بابت صلاحڪ??ر شوڪت ترين يوريا ڀاڻ جي دستيابيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪندي گ??س ڪمپنين کي هدايت ڪئي ته هو ڀاڻ جي يونٽس کي پيداوار لاءِ گيس جي فراهمي يقيني بڻائين. فنانس ڊويزن ۾ ڀاڻ بابت هڪ اج??اس جي صدارت ڪندي شوڪت ترين سمورين لاڳاپيل ڌُرين کي سيلز ٽيڪس ري فنڊ ۽ گيس انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس (جي آءِ ڊي سي) جي ادائيگين بابت اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان کان اڳ صنعتن ۽ پيداوار واري سيڪريٽري اج??اس کي ملڪ ۾ ڀاڻ جي طلب ۽ رسد جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. سيڪريٽري چيو ته سوئي ناردرن گيس پائيپ لائن لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) جي بنياد تي يوريا پلانٽس کي گيس جي فراهمي جنوري 2022ع تائين 3 لک ميٽرڪ ٽن اضافي پيداوار کي يقيني بڻائيندي. حڪومت پاڪ عرب فرٽيلائيزر لميٽيڊ ۽ فوجي فرٽيلائيزر بن قاسم لميٽيڊ (ايف ايف بي ايل) سميت سمورن ڀاڻ يونٽن کي وڌ کان وڌ گيس جي فراهميءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته هڪ لک ميٽرڪ ٽن يوريا جي ايڪسپورٽ لاءِ ٽينڊر ??ڻ ڏنا ويا آهن. اج??اس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير سيد فخر امام، توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، پيٽروليم ۽ صنعتن واري ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ناڻي جي وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم جو ناڻي بابت صلاحڪار جو يوريا ڀاڻ جي دستيابيءَ تي اطمينان جو اظهار، شوڪت ترين جي صدارت هيٺ ڀاڻ بابت اجلاس
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena