اسلام آباد/نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام ??طي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي جاپ??ن جي پنهنجي هم منصب توشي مٽسو موتيجي سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي ل??ڳا??ن، افغانست??ن جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪست??ن جاپان سان پنهنجي سياسي ۽ معاشي ل??ڳا??ن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪست??ن جاپان کي هڪ ترقياتي حوالي سان اعتماد جي قابل حصيدار سمجهي ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان 2022ع ۾ پاڪستان ۽ جاپ??ن جي سفارتي ل??ڳا??ن جي 70 هين سالگرهه کي پرجوش انداز ملهائڻ جو ارادو رکون ٿا، پرڏيهي وزير پاڪ جاپان گڏيل ل??ڳا??ن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي جاپاني هم منصب کي افغانست??ن جي اڀرندڙ صورتحال جي حوالي سان پاڪست??ن جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام ??طي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. افغانستان ۾ وڌندڙ انساني ۽ معاشي بحر??ن جي خاتمي لاءِ ضروري آهي ته عالمي برادري افغانست??ن جي مدد کي يقيني بڻائي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزين جي ثبوتن تي ٻڌل هڪ ”ڊوزيئر“ جاپاني هم منصب کي پيش ڪيو.
افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام خطي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي: پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات