اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي سٽي منصوبو لاهور شهر جي رهائشي ۽ ٻين ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ نهايت اهم منصوبو آهي، ان سان معاشي سرگرمين جي باري ۾ بي شمار موقعا پيدا ٿي??دا. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي قيام ۽ راوي سٽي منصوبي جي حوالي سان هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم کي والٽن لاهور جي قائم ٿي??دڙ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي قيام جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڳتيل آبادي کي نظر ۾ رکندي لاهور والٽن ۾ تربيتي اڏامن جي لا??ِ استعمال ٿي??دڙ ايئرپورٽ هوائي اڏامن جي لاءِ غير محفوظ بڻجي چڪو آهي، انهن خطرن جي مستقل ازالي ۽ آبادي جي تحفظ لاءِ تربيتي اڏامن جي لا??ِ استعمال ٿي??دڙ ان ايئرپورٽ کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪرڻ نهايت ضروري آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ آبادي جي ڪري ان ايئرپورٽ تي ٻه ٽي حادثا ٿي چڪا آهن تنهن هوندي به ڪو به جاني نقصان ناهي ٿي??. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي قيام کانپو??ِ اربين روپين جي ماليت جي ان زمين کي ڀرپور معاشي سرگرمين جي لا??ِ استعمال ڪري سگهبو.
وزيراعظم جي صدارت ۾ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي قيام ۽ راوي سٽي منصوبي جي حوالي سان اجلاس
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر