اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير سينيٽر شبلي فراز پاڪستان ۽ سڄ?? دنيا جي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته بين المذاهب هم آهنگي جي لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي. ان جو مقصد اهو آهي ته قيام پاڪستان تي رکيل بنياد موجب سمورين اقليتن کي برابر حق فراهم هجن. ذات، پات يا مذهب جي بنياد تي ڪو به تعصب نه ??جي. ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادري جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وفاق?? وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اسان جي حڪومت انهي سوچ کي فروغ ڏئي عوام جي ترقي ۽ هڪجهڙن موقعن فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي، هن چيو ته مسيحي برادري جو ملڪ جي ترقي ۾ ڪرد??ر رهيو آهي، اسان ان جو اعتراف ڪريون ٿا، آئنده به اهڙو ماحول پيدا ڪنداسين جنهن سان انهن جو احساس تحفظ برقرار ۽ اڳتي وڌڻ جا موقعا ملندا رهن.
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea