سيالڪوٽ – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم جي قائداڻي صلاحيتن سان سندس بيانيي کي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي، ا??ان دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ افغان پناهگيرن کي پناهه ڏئي مديني جي رياست جي عڪاسي ڪئي آهي، ا??ان کي پناهه جي بدلي ۾ 70 هزار جانين جا نذرانا پيش ڪرڻا پيا، ڪالهه وارو ٿيندڙ افغان امن معاهدو پوري قوم جي لاءِ خوشخبري آهي، دنيا پاڪستان جي قربانين کي تسليم ڪيو آهي ان معاهدي سان افغانستان سان گڏوگڏ پوري خطي ۾ امن ٿيندو. هن سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جو هن قوم ۽ ملڪ سان احساس جو رشتو آهي. وزيراعظم عوام جي تڪليف جي ازالي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي قي??تن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي ۽ ا??يد آهي ته ان گهٽتائي جي ڪري ٻين مصنوعات جي قي??تن ۾ گهٽتائي ايندي.
وزيراعظم جي بيانيي کي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری