سيالڪوٽ – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ۽ سندس ساٿين جي سياست کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي عوام رد ڪيو آهي اهي چونڊيل حڪومت ڪيرائڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن، ٻانهون کنجي عوام کي درس ڏيندڙ تبليغي ٽولي جي ڪرپشن جي حساب ڪتاب جو وقت اچي ويو آهي، مسيحا جو ويس بدلائي گهمندڙن جا ڪوڙا چهرا عوا?? جي سامهون بي نقاب ٿيڻ وڃي رهيا آهن، سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظ?? جي خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ملڪي معيشت ۾ استحڪام کانپوءِ عوا?? جي رليف جون ٿڌيون هوائون هلي رهيو آهن، حڪومت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن چيو ته اهڙي طرح جي صورتحال ۾ جڏهن عوا?? جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي ته اهڙي ماحول ۾ سياسي يتيمن جو ٽو??و پنهنجو پاڻ کي سياسي محاذ تي زنده رکڻ لاءِ لطيفا ٻڌائيندو رهندو آهي.
مولانا ۽ سندس ساٿين جي سياست کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش