واشنگٽن- 21 نومبر (ا ي پي پي) آمريڪي سينيٽ اسرائيل کي هٿي??رن جو وڪرو روڪڻ جو بل رد ڪري ڇڏيو آهي. اهو بل غزه ۾ فلسطينين کي درپيش انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي سبب متعارف ڪرايو ويو هو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق گذريل ڏينهن سينيٽر برني سينڊرز طرفان 3 ٺهراءُ پيش ڪيا ويا. پهرين ٺهراءُ ۾ اسرائيل کي امريڪا طرفان ٽينڪن جي گولن جي ف??اهمي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو جنهن جي مخالفت ۾ 79 ۽ حمايت ۾ رڳو 18 ووٽ پيا. ٻين ٺهراءُ ۾ اسرائيل کي مارٽر گولن جي ف??اهمي روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. ان ٺهراءُ جي مخالفت ۾ 78 ۽ حمايت ۾ 19 ووٽ پيا. جوائنٽ ڊائريڪٽ اٽيڪ ميونيشن (جي ڊي اي ايمز) يعني عام بمن کي سڌي ريت حملو ڪرڻ لاءِ ا??تعمال ٿيندڙ گولا بارود ۾ تبديل ڪندڙ ڪٽس جي اسرائيل کي ف??اهمي روڪڻ جي ٺهراءُ جي مخالفت ۾ 80 ۽ حمايت ۾ 17 ووٽ پيا. اهڙي طرح اهو ٺهراءُ به منظور نه ٿي سگهيو. انهن ٺهرائن جي حق ۾ سمورا ووٽ ڊيموڪريٽڪ ڪاڪس طرفان آيا. سينيٽر برني سينڊر چيو ته اسرائيل کي فوجي امداد جي ف??اهمي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي هٿي??رن جي وڪري تي پابندي جي آمريڪي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. هن ووٽنگ کان اڳ هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ چيو هو ته اسان سمجهون ٿا ته آمريڪا جي حڪومت کي پهرين ترجيع طور ان قانون جي پابندي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٻئين نمبر تي اخلاقي نظريي کان به اها ڳالهه حيرت انگيز آهي ته اسرائيل کي هٿيار ۽ گولا بارود فراهم ڪري آمريڪا غزه ۾ هزارين ٻ??رن جي بک ۽ غذائي کوٽ ۾ ملوث آهي. واضع رهي ته غزه ۾ اسرائيلي جارحيت سبب 23 لک ماڻهن کان وڌيڪ جي آبادي بي گهر ٿي چڪي آهي ۽ اهي جنگ سٽيل علائقا ڏڪار جي خطري کي منهن ڏئي رهيا آهن. غزه جي صحت کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيل جارحيت جي نتيجي ۾ غزه ۾ گذريل آڪٽوبر کان هيل تائين 43 هزار 922 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
آمريڪي سينيٽ ۾ اسرائيل کي هٿيارن جو وڪرو روڪڻ جو بل وڏي اڪثريت سان رد
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں