واشنگٽن – 02 جولائي (اي پي پي ) گذريل سال 7 آڪٽوبر جي حملي ?? مارجي ۽ زخمي ٿيل اسرائيلي شهرين جي ڪٽن??ن آمريڪي عدالت ۾ ايران ، شام ۽ ??تر ڪوريا خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي. جرمني جي ڊي پي اي نيوز جي رپورٽ موجب ڪيس ۾ دعوى ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل ملڪن ان حملي ?? فلسطيني هٿيار بند گروپ جي حمايت ڪئي هئي. رپورٽ موجب واشنگٽن جي هڪ وفاقي عدالت ۾ داخل ڪيل ڪيس موجب ايران شام ۽ ??تر ڪوريا اسرائيل تي حملي لاءِ مالي مدد ۽ وسيلا فراهم ڪيا. اسرائيل نواز اينٽي ڊيفيميشن ليگ 125 متاثرن ۽ ??نه?? جي ڪٽنب پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ پنهنجي متاثر ڪٽنبن جي اغوا ۽ قتل جي بدلي گهٽ ۾ گهٽ 4 بلين ڊالرن جي معاوضي جو مطالبو ڪيو آهي. اسرائيلي شهرين جي حق ۾ فيصلو اچڻ جي صورت ۾ متاثر خاندانن کي ڪانگريس پاران دهشتگردي جي متاثرن لاءِ قائم آمريڪي فنڊ مان معاوضو ڏئي سگهجي ٿو. اهڙي طرح جي ڪيسن تي ادائيگين لاءِ رقم ضبط ڪيل اثاثن ۽ ??نه?? ڪمپنين جي ڏنڊ مان ادا ڪئي ويندي آهي جيڪي ??نه?? رياستن سان گڏ غير قانوني ڪاروبار ڪن ٿيون، جن کي آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي .
اسرائيلي شهرين جو آمريڪي عدالت ۾ ايران، شام ۽ اتر ڪوريا خلاف ڪيس، چار ارب ڊالر معاوضي جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania