واشنگٽن – 08 مارچ (اي پي پي) آمريڪا خبردار ڪيو آهي ته ايران گڏيل قومن جي ايٽمي توانائي ايجنسي سان سهڪار ڪرڻ کا?? انڪار ڪري ان جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجهندو رهندو ۽ ايجنسي ط??فا?? ڪيترن ئي سالن کان گهربل يورينيم جي نشانن جي وضاحت نه ڏيندو ته ان خلاف ٺهراءُ آندو ويندو. العربيا اردو مطابق انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي 35 ملڪي بورڊ آف گورنرز ??ي ٽه ماهي اجلاس ۾ آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ايران کان ايجنسي جي معائنو ڪندڙن سان سهڪار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. آمريڪا ڪونسل جي اجلاس ۾ چيو ته اسانکي يقين آهي ته اسا?? ان هنڌ پهچي وي?? آهيون جتي اسانکي ۽ عالمي برادري کي ان بابت سوچڻ گهرجي ته ايران کي ڪهڙو جواب ڏنو وڃي. اسان ايران جي موجوده طرز عمل کي جاري رکڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگ??ون. آمريڪا ۽ ان ??ي ٽن وڏن اتحادين برطانيا، فرانس ۽ جرمني هڪ ڀيرو ٻيهر هلندڙ هفتي ٿيندڙ اجلاس ۾ ايران خلاف ٺهراءُ نه آڻڻ جي چونڊ ڪئي، پر آمريڪا چيو ته جيڪڏهن ايران جلدي ضروري سهڪار فراهم نه ڪيو ته هو ڪاروائي ڪندو.
آءِ اي اي اي جي ڪم ۾ رڪاوٽ رهي ته ايران خلاف ٺهراءُ آڻينداسين: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : loteria estadual