اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ملڪ ۾ سموگ ۽ موسمي حالتن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل کاتن جي وچ ۾ وسيع رابطا ۽ اڳواٽ منصوبابندي جي ضرورت تي زور ڏنو ??هي. هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ بجلي جي پيداوار ۽ ملڪ ۾ طلب ۽ پهچ جي صورتحال جي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. بجلي وارو وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، بجلي ۽ پيٽروليم ڊويزنن جا ??يڪريٽري ۽ لاڳاپيل سينيئر عملدار پڻ اجلاس ۾ موجود هئا. وزيراعظم کي بجلي جي تازي ت??طل بابت ٻڌايو ويو جنهن سبب ڏکڻ پنجاب، اتر سنڌ ۽ ملڪ جا ٻيا حصا متاثر ٿيا آهن. اهو به ٻڌايو ويو ته وقت کان اڳ سموگ غيرمعمولي آهي ۽ خشڪ موسم سبب وڌيڪ جاري رهڻ جو امڪان آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٽرانسميشن لائينن جي ٽرپنگ ٿي.
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری