نارووال – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان تيزي سان ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، هر اونڌاهي کي روشني سان شڪست ڏينداسين، ڪجهه سياستدان هروڀرو ڪوڙ ڳالهائيندا آهن، انهن جو ڪوڙ ٻڌي ٻڌي عوام به تنگ اچي چڪو آهي، ڪوڙ جي سياست پاڪستان لاءِ انتهائي خط??ناڪ آهي، جيڪڏهن ترقي ۾ هٿ نٿو ونڊايو وڃي ته اسان جو هٿ نه روڪيو ۽ قوم کي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي هلڻ ڏيو، غريبن کي صحت جي مفت سهولتن لاءِ قومي صحت ??رو??رام هڪ عظيم مقصد تحت شروع ڪيو ويو آهي، خدمت خلق سان جيتري خوشي ملي ٿي ڪنهن ٻي ڪم ۾ نٿي ملي، ان ??رو??رام جو دائرو پوري ملڪ تائين وڌايو ويندو، وزيراعظم ڪالاشاه ڪاڪو کان بدوملهي کي موٽر وي سان ڳنڍڻ ۽ بدو ملهي کان نارووال ??ائين جي علائقي کي به موٽر وي سان ملائڻ جو اعلان ڪ??و. ??الهه خميس ڏينهن هتي قومي صحت ??رو??رام جاري ڪرڻ جي تقريب کي خط??ب ڪندي وزيراعظم چيو ته هو هڪ نيڪ مقصد لاءِ نارووال ??چڻ تي گهڻو خوش آهي، موذي مرضن ۾ مبتلا مريضن کي مفت سهولتن جي فراهمي لاءِ قومي صحت ??رو??رام جاري ڪرڻ هڪ وڏي مقصد تحت شروع ڪيو ويو ۽ نارووال ۾ هڪ لک 60 هزار خاندانن کي هيلٿ ڪارڊ ڏنا پيا وڃن، هن چيو ته معاشي ناهموا??ين کي روڪڻ اسان جو مقصد آهي، وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ مون جهڙي ماڻهو کان مخلوق جي خدمت جو ڪم وٺي رهيو آهي جنهن تي وڏي خوشي آهي.
پاڪستان تيزي سان ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک