واشنگٽن – 15نومبر (اي پي پي) آمريڪي ٽيڪنالوجي ڪمپني ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي باني ايلون مسڪ گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير سان ملاقات ??ئي آهي. آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز پنهنجي رپورٽ ۾ ٻن ايراني اختيارين جو حوالو ڏيندي آمريڪي ارب پتي شخصيت ايلون مسڪ ۽ گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير امير سعيد ايراواني وچ ۾ ملاقات ??ي مثبت قرار ڏنو آهي. نئين چو??ڊي?? آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم دوران سندس ڀرپور حمايت کان پوءِ آمريڪي سياست ۾ ايلون مسڪ جي اثر و رسوخ ۾ اضافو ٿيو ۽ نئين چو??ڊي?? صدر کيس پنهنجي انتظاميا ۾ اهم ڪردار ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اخبار جو چوڻ آهي ته ايلون مسڪ ۽ ايراني سفير ڳجهي هنڌ هڪ ڪلاڪ کان به وڌيڪ ملاقات ??ئي. نه ته ٽرمپ جي ٽيم ۽ نه ئي گڏيل قومن ۾ ايراني مشن ملا??ات جي تصديق ڪئي، پر ايراني عهديدارن پاران ان ملا??ات جي تصديق مان اندازو لڳائي سگ??جي ٿو ته ڊونلڊٽرمپ ايران سان سفارتڪاري ۾ سنجيده آهي. پنهنجي گذريل صدارتي دور ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي ايٽمي پروگرام تي اڳ واري صدر باراڪ اوباما جي دور ۾ طئي ٿيل معاهدي کي ٽوڙي ڇڏيو هو، ان کان علاوه هن ايران تي پابندين ۾ اضافو ڪري وڌ کان وڌ دٻاءُ جي پاليسي تي عمل ڪيو هو.
آمريڪي ارب پتي ايلون مسڪ جي گڏيل قومن ۾ ايراني سفير سان ملاقات مثبت رهي: نيويارڪ ٽائمز
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز