گڏيل قومون-29 مارچ (اي پي پي)انصاف جي ??المي عدالت (آءِ سي جي) غزه ۾ خوراڪ پهچائڻ کي نه روڪڻ جي ??سرائيلي دعويٰ جي واضح ۽ قانوني طور تي مذمت ڪندي اسرائيل کي حڪم ڏنو آهي ته هو غزه ۾ خوراڪ جي ??مداد جي ??نا رڪاوٽ فرا??مي جي ??جازت ڏي ۽ هڪ مهيني اندر سمورن قدمن جي ??پورٽ آءِ سي جي کي پيش ڪري. دي هيگ ۾ قائم انصاف جي ??المي عدالت حڪم ڏکڻ آفريقا طرفان ??يل تازي درخواست جي ??واب ۾ جاري ڪيو، جنهن ڊسمبر ۾ اسرائيل تي غزه ۾ نسل ڪشي جو الزام لڳائيندي ڪيس پيش ڪيو هو. عدالت جي ??جن جي هڪ پينل اهو فيصلو جنوري ۾ هڪ هنگامي قدم کانپوءِ جاري ڪيو هو جنهن ۾ اسرائيل کي هنگامي امداد جي فرا??مي جو پابند ڪيو ويو هو. ججن چيو ته غزه ۾ فلسطينين کي بدترين حالتون درپيش آهن ۽ ڏڪار ۽ بک پکڙجي ??هي آهي، ججن چيو ته عدالت مشاهدو ڪيو آهي ته غزه ۾ فلسطيني شهري ڏڪار جي ڪناري تي پهچي ويا آهن. عدالت پنهنجي قانوني طور تي پابند حڪم ۾ اسرائيل کي چيو ته هو بنا ڪنهن دير جي گڏيل قومن سان مڪمل تعاون کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري ۽ موثر قدم کڻي جنهن ۾ فوري طور تي گهربل بنيادي خدمتون ۽ انساني امداد لاءِ سمورن لاڳاپيل ماڻهن طرفان وڏي پئماني تي خوراڪ، پاڻي، ٻارڻ ۽ طبي سامان جي ??نا رڪاوٽ فرا??مي شامل آهي.
اسرائيل غزه ۾ خوراڪ جي امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي اجازت ڏي: انصاف جي عالمي عدالت جو حڪم
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون