غزه -20 نومبر (اي پي پي) غز?? ۾ ??س??ائ??ل جي فوجي ڪارروائين ۾ وڌيڪ 3 صحافي شهيد ٿي ويا آهن، جنهن بعد شهيد ٿيل صحافين جو مجموعي انگ 48 ٿي ويو آهي. سعودي نشرياتي اداري مطابق اس??ائ??ل جي فوج جي حملي ۾ صحافي ۽ غيرسرڪاري تنظيم پريس هاس فلسطين جي بورڊ جي سربراه بلال جاد الله شهيد ٿي ويو جڏهن ته اس??ائ??ل جي فوج طرفان مهاجر ڪيمپ تي حملي دوران فري لانس صحافي حسونه سليم ۽ ساري منصور البوريج پڻ حياتي وڃائي ويٺا. نيويارڪ ۾ موجوده ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس (سي پي جي) مطابق 6 هفتن کان جاري ويڙهه ۾ هاڻي تائين 48 صحافي شهيد ٿي چڪا آهن. سي پي جي طرفان جاري فهرست ۾ شامل صحافين ۾ ??ائ??ٽرز جو صحافي اعصام عبدالله پڻ شامل آهي، جيڪو 13 آڪٽوبر تي اس??ائ??ل جي سر??د ويجهو لبنان ۾ مارجي ويو هو. انگن اکرن مطابق مارجي ويل صحافين جي فهرست ۾ 43 فلسطيني، 4 اس??ائ??لي ۽ هڪ لبناني شامل آهن.
غزه ۾ اسرائيل جي فوج جي ڪارروائين ۾ وڌيڪ 3 صحافي شهيد، انگ 48 ٿي ويو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات