اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي جي صدارت ۾ خ??وصي ماڻهن جي ملازمت جي ڪوٽا تي عملدرآمد بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي اسپيشل سيڪريٽري سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي معذور ماڻهن جي مالي خودمختياري جي لاءِ حڪومتي سطح تي ملازمت جي ڪوٽا تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سرڪاري ادارا معذور ماڻهن جي لاءِ موزون ملازمتن جي نشاندهي ڪن، افرادي قوت ۾ خ??وصي ماڻهن جي شموليت وڌائڻ جي لاءِ هنر موجب نوڪريون ڏنيون وڃن. صدر خصوصي ماڻهن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته خصوصي ماڻهو پاڪستان جي آبادي جو اٽڪل 12 سيڪڙو حصو آهن. ڪوٽا جهڙي مثبت قدمن سان ملازمتن ۾ موجود رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن چيو ته معذور ماڻهن کي قابل قدر مهارتن سان ليس ڪرڻو پوندو. خصوصي ماڻهن جي معذوري جي نوعيت ۽ شدت موجب ملازمتون ڏيڻ، ??مڪ?? آجرن سان ملائڻ جي ضرورت آهي. صدر خصوصي ماڻهن پاران معاشرتي روين ۾ تبديلي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته نجي اسڪول معذور ماڻهن جي ٻارن کي داخلا ڏين، نجي اسڪول معذور ماڻهن جي جامع تعليم جي لاءِ قدم کڻن. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري جي اجلاس کي معذور ماڻهن جي سهولت لاءِ قدمن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته خصوصي ماڻهو سي ايس ايس جي سمورن گروپس جي لاءِ امتحانن ۾ شرڪت جا اهل آهن. ڪميشن امتحانن دوران خصوصي ماڻهن کي اضافي وقت ۽ لکت ۾ تعاون فراهم ڪري رهي آهي. خصوصي ماڻهن کي مقابلي جي امتحان ۾ قاعدن تحت عمر جي مٿئين حد ۾ 2 سالن جي ڇ??ٽ ڏني پئي وڃي. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سمورين وزارتن، ڊويزنن، کاتن ۾ 2 سيڪڙو ملازمتن جي ڪوٽا کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي. سرڪاري شعبي ۾ خ??وصي ماڻهن جي ملازمتن جي ڪوٽا لاڳو ڪرڻ ۾ رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن جي نشاندهي ڪئي وڃي. صدر معذور ماڻهن جي حقن جي لاءِ وزارتن جي تعاون کي ساراهيو.
صدر جي صدارت ۾ خصوصي ماڻهن جي ملازمت جي ڪوٽا تي عملدرآمد بابت اجلاس
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک