اسلام آباد- 02 ??ومبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي پاڪ افغان سرحدي ڪراسنگ پوائنٽس تي سهولت لاءِ عورتن ۽ ٻارن کي بايو ميٽرڪ کان ڇوٽ ڏيڻ جو ا??لان ڪري ڇڏيو آهي. هو افغان ناظم الامور سردار احمد شڪيب سان ملاقات دوران خيالن جو ا??هار ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ ٻطرفي معاملن ۽ افغان شهرين جي پنهنجي وطن وا??سي جي حوالي سان ڳالهائيندي ڪئي. گهرو وزير سرفراز احمد بگٽي چيو ته پاڪس??ان ۾ غير قانوني طور تي ترسيل پرڏيهين جي وا??سي جو سلسلو جاري آهي، هدايتون جاري ڪيون آهن ته پنهنجي وطن وا??س ويندرن سان انتهائي عزت ۽ احترام سان پيش اچيو وڃي، هن چيو ته پروف آف رجسٽريشن ۽ افغان سٽيزن ڪارڊ رکندڙ ماڻهن خلاف ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه پئي آندي وڃي، ا?? سلسلي ۾ ڪنهن ڪوتاهي ۽ بدتميزي کي هر گز برداشت نه ڪيو ويندو. گهرو وزارت ۾ ان ڏس ۾ ڪنٽرل سينٽر ۽ هيلپ لائن قائم ڪئي وئي آهي. افغان سفارتخانو هڪ نمائندو مقرر ڪري جيڪو شڪايت جي فوري حل لاءِ ڪنٽرول سينٽر سان هر وقت رابطي ۾ رهي، گهرو وزير جو چوڻ هو ته ڪراسنگ پوائنٽس تي سهولت لاءِ عورتن ۽ ٻارن کي بايوميٽرڪ کان ڇوٽ حاصل هوندي.
گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي پاران پاڪ افغان سرحدي ڪراسنگ پوائنٽس تي عورتن ۽ ٻارن کي بايو ميٽرڪ کان ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک