اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته پ??رليامينٽ جي اڄ ٿيندڙ گڏيل اجلاس ۾ سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي ويندي، پارليامينٽ جي فورم تان دنيا کي اسلام ۽ ٻين مذهبن جي احترام جو پيغام ڏنو ويندو، وز??راعظم شهباز شريف به پ??رليامينٽ کي خطاب ڪندو، قومي احساسن جي ترجماني ڪندي اهڙن افسوسناڪ واقعن کي روڪڻ جي لاءِ قدمن جو ذڪر ڪندو. ج??هن ته سڀاڻي جمعي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ قرآن تقدس ??ها??و ملهايو ويندو. سوئيڊن واقعي تي ملڪ گير احتجاج ۽ ريليون نڪرنديون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وز??راعظم سمورين پارٽين ۽ قوم کي احتجاج ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي آهي. وفاقي وز??ر چيو ته ”آئون مذمت ڪريان ٿو“ مهم به شروع ڪئي وئي آهي، قوم خاص طور تي نوجوان ان ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ قرآن تقدس ??ها??ي کي هڪ تحريڪ ۾ بدلائين.
پارليامينٽ جي اڄ ٿيندڙ گڏيل اجلاس ۾ سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي ويندي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت