اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس واضح ڪيو آهي ته افغانستان بابت پرڏيهي و??ارت ۾ هڪ مڪمل ڊويزن قائم آهي جنهن جي سربراهي افغانستان ۽ اولهه ايشيا بابت ايڊيشنل سيڪريٽري سيد احسن رضا شاهه ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس گذريل ڏينهن جي پريس بريفنگ جي حوالي سان چي?? آهي ته افغانستان بابت ايڊيشنل سيڪريٽري جي سربراهي ۾ قائم ڊويزن پنهنجون ذميواريون پوري محنت ۽ جذبي سان ادا ڪري رهي آهي ۽ اها ا??تي به پنهنجون ذميواريون نڀائيندو رهندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران بريفنگ دوران سوال ڪيو ويو هو ته گذريل هفتي و??يراعظم جي خاص معاون محمد صادق جي عهدي تان مستعيفي ٿيڻ کانپوءِ ان جي غيرموجودگي ۾ افغانستان جي معاملن کي پاڪستان ۾ اعليٰ سطح تي ڪير ڏسي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔