اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عدالت جي ٻاهر صحافين سان پوليس جي بدسلوڪي جي شديد مذمت ڪندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ کي واقعي جو سختي سان نوٽيس وٺڻ جي درخواست ??ئي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ۽ پ??ليس جو صحافين تي تشدد انتهائي مذمت جوڳو آهي، صحافين سان معذرت ڪريان ٿي، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله سان معاملي تي ڳالهه ڪئي آهي، گهرو وزير کي درخواست ??ئي آهي ته صحافين سان ان واقعي تي معذرت ڪئي وڃي. هن چيو ته گهرو وزير ڪارروائي ڪري ته پوليس تماشائي ڇو بڻيل رهي؟ حملي آورن جا هٿ روڪڻ بدران ميڊيا کي نشانو بڻائيندڙن جو تعين ڪيو وڃي. هن چيو ته گيٽ پي ٽي آءِ جا فسادي ٽوڙين ۽ ڏنڊا بيگناهه صح??في کائين، ائين نه هلندو. هن چيو ته پيشيواراڻيون ذميواريون سرانجام ڏيندڙ صحافين تي تشدد افسوس جوڳو ۽ ناقابل قبول آهي. صح??في هر طرح جي سخت ۽ مشڪل حالتن ۾ عوام کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ قابل قدر ڪم ڪن ٿا، صحافين جو احترام ۽ انهن کي فرض سرانجام ڏيڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي.
وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران عدالت جي ٻاهر صحافين سان پوليس جي بدسلوڪي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے