اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيڌرلينڊ جي ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد ت??ان??ئي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي ??اڪستان ۾ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ نيڌرلينڊ جي حڪومت جي امداد ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي فريم ورڪ جي تياري ۾ ڊچ پاڻي ماهرن جي تعاون کي ساراهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ نيڌرلينڊ جي وزيراعظم مارڪ روٽي جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ نيڌرلينڊ جي حڪومت جي امداد ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي فريم ورڪ جي تياري ۾ ڊچ پاڻي ماهرن جي تعاون کي ساراهيو. ??نه?? اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جو پڻ جائزو ورتو ۽ ان حوالي سان اطمينان جو اظهار ڪيو. هن واپاري ۽ اقتصادي ??اڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم نيڌرلينڊ جي ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد ت??ان??ئي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. ??نه?? اڳواڻن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير، افغانستان ۽ يوڪرين جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ا??م عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عالمي برادري اسلامو فوبيا جي خلاف گڏيل آواز اٿاري ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري. هن سال پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي. ??نه?? وزيراعظم ان سنگ ميل کي ڀرپور طريقي سان ملهائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
وزيراعظم پاران نيڌرلينڊ جي ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری