اسلام آباد -04 نومبر (اي پي پي) رٿابندي ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ليفٽيننٽ جنرل ظفر ??قبال، لاڳاپيل وفاقي وزارتن جي سيڪريٽريز، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي مختصر ۽ ڊگهي مدي وارن منصوبن بابت ورڪنگ پلانگ جو جائزو ورتو ويو. ميمبر پلاننگ ڊويزن قدرتي آ??تن کانپوءِ بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي حڪمت عملي جي پاليسي تي بريفنگ ڏني. فورم بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي منصوبن ۾ موسمياتي لچڪدار حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو، ڊپٽي چيئرمين احسن اقبال 2022ع جي ٻوڏ دوران سمورن لاڳاپيل ادارن، صوبن، امدادي تنظيمن ۽ عالمي ڊونر ايجنسين جي ڪردار کي ساراهيو. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته ٻيهر تعمير جي منصوبن ۾ قدرتي آ??تن سميت موسمياتي تبديلي جي امڪاني اثرن کان بچڻ جي صل??حيت کي نظر ۾ رکيو وڃي، صوبا بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي ورڪنگ پلان تي پنهنجي تجويزن کان جلد کان جلد آگاهه ڪن، ڄاڻايل منصوبن ۾ صحت ۽ تعليم جي انفرااسٽرڪچر ڪميونٽي بيسڊ بڻايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان کي اربنائزيشن جي اهم چئلينجز پڻ سامهون آهن، وڏن شهرن تي آبادي جو دٻاءُ گهٽ ڪرڻ لاءِ نوان شهر قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اين ايف آر سي سي چيو ته قدرتي آ??تن کان بچاءُ جا اهڙا منصوبا ٺاهيا وڃن ته جيئن مستقبل ۾ متاثرن کي انهن گهرن جي ويجهو رکي سگهجي، ثقافتي ۽ تاريخي ماڳن کي قدرتي آ??تن کان بچائڻ لاءِ خاص قدم کنيا وڃن.
وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک