اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين ۽ تعليمي اد??رن کي سماجي علم ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب نصاب تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شاگردن کي سماجي علم ۽ مارڪيٽ جي گهرج موجب هنر سيکاريا وڃن. اڪيڊمي ڌرين جي تجربن مان فائدو کڻڻ ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بهترين عالمي طريقن کي اختيار ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڪيڊمي اد??يات پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ ۽ بورڊ آف گورنرز جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. صدر معاشري ۾ فن ۽ اد?? جي فروغ لاءِ اڪيڊمي اد??يات جي ڪردار کي ساراه??و. ??ن اڪيڊمي اد??يات جي خدمتن ۽ مصنوعات جي پهچ وڌائڻ جي لاءِ ٺوس ۽ موثر مارڪيٽنگ حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ڊيجيٽلائيزيشن اڪيڊميات جي اد??ي مصنوعات ۽ خدمتن کي ويب سائيٽ ۽ سيل فون ايپليڪيشن ذريعي ڦهلائڻ ۾ مدد ڏئي سگهجي ٿي. صدر پاڪستان جي مختلف علائقائي زبانن جي تحفظ جي لاءِ اڪيڊمي جي ڪوششن کي ساراهيو، جيڪي نظرانداز ڪيون ويون آهن. هن چيو ته هر زبان مخصوص علم، حڪمت ۽ ورثي جو ذخيرو آهي، زبانن کي موجوده ۽ ايندڙ نسلن سان گڏوگڏ معاشري جي بهتري لاءِ محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اڪيڊمي لاڳاپيل ڌرين جي تجربن مان فائدو کڻڻ ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بهترين عالمي طريقن کي اختيار ڪري. هن اڪيڊمي کي هدايت ڪئي ته اها پنهنجي اهم هدفن کي حاص?? ڪرڻ جي لاءِ بجيٽ جو دانشمنداڻي طريقي سان ا??تع??ال کي يقيني بڻائي. اڪيڊمي اد??يات جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ اجلاس کي ٻڌايو ته اڪيدمي مقامي اديبن ۽ ش??عرن ۽ مرحوم اديبن جي سوڳوار ۽ مالي مشڪلاتن جو شڪار خاندانن کي ماهوار اعزازيو اد?? ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ان اسڪيم سان هڪ هزار خاندان (غيرمصفين/ فوت ٿيندڙ ليکڪ جا سوڳوار خاندان) فائدو کڻي رهيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اڪيڊمي ريسرچ اسڪالرز، شاعرن، اديبن ۽ اد?? جي شاگردن کي ضروري حوالاجاتي مواد فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ لائبريري به قائم ڪئي آهي ۽ اڪيڊمي جي لائبريري م 30 هزار کان وڌيڪ ڪتاب ۽ رسالا موجود آهن. اڪيڊمي هڪ خودمختيار اد??رو آهي، جيڪو پاڪستاني زبانن، اد?? جي فروغ ۽ ملڪ ۾ ليکڪ برادري جي ڀلائي لاءِ سمورن حڪومتي نظامن کي نظم ۽ ضبط ۾ رکي ٿو. ان کانسواءِ اردو، انگريزي ۽ ٻين پاڪستاني ٻولين ۾ اد??ي رسالا تيار ڪري ٿو ۽ مختلف اد??ي ايوارڊن جي لاءِ نالن جي سفارش ڪري ٿو.
يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن کي سماجي علم ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب نصاب تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ